شير خان مريءَ جو قبو

شير خان مريءَ جو قبو

شير خان مريءَ جو قبو

شير خان مريءَ جو قبو: هي مقام تعلقي ناري، ضلعي خيرپور جي يونين ڪائونسل سڪندر آباد ۾، ڳوٺ حاجي ڪرڙ فقير خاصخيليءَ جي ڀر ۾ آهي. شير خان مري، ٽالپر حڪمرانن جو خاص ماڻهو هو. مري ذات وارا ٽالپرن جا وفادار ۽ عزيز هئا. شير خان مري، ٽالپر حڪمران مير علي مراد خان اول جي دور ۾ فوج جو سپهه سالار ۽ سنڀاليندڙ هو. هي بهادر ۽ ذهين هو. ان وقت جي ٽالپر حاڪم، شير خان مريءَ کي ڌاڙيلن ۽ ڦورن کان نجات ڏيارڻ لاءِ ناري تعلقي موڪليو هو. هي اتي وڙهندي شهيد ٿيو. شير خان مريءَ جي قبي وارو علائقو نارا ڪئنال کان 30 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. خان مريءَ جو قبو'>شير خان مريءَ جو قبو 17 فوٽ ويڪرو ۽ 50 فوٽ اونچو آهي سندس مزار جي ڀر ۾ ٺهيل پٿر جون 2 چوکنڊيون آهن، جن ۾ هڪ هڪ قبر آهي. هن چوکنڊيءَ ۾ اعلي قسم جو پٿر استعمال ٿيل آهي. شير خان مريءَ جي قبي ۾ سرون ڪوٽڏيجي جي قلعي واري سائيز جون آهن. هن ۾ چونو ۽ چيرولي مٽي استعمال ٿيل آهي. هن مقام ۾ سوين قبرون ان دور جي ياد تازي ڪن ٿيون. حڪومت جي بي ڌياني ڪري ڪجهه مقامي ماڻهن مقام جي پاسن کان قبرون مسمار ڪري آبادي ڪري ڇڏي آهي. شير خان مريءَ جي قبي اندر هڪ مزار آهي. قبي اندر چٽسالي ۽ نقش و نگار جو بهترين ڪم ٿيل آهي، هن ۾ تصويرون جنگ جي عڪاسي ڪن ٿيون هي مقام چئن ايڪڙن تي ڦهليل آهي، ڀرپاسي مري ۽ خاصخيلي ذات جا ماڻهو رهن ٿا.


لفظ شير خان مريءَ جو قبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو